اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ڌمڪي ۽ ڊڪٽيشن ڏيندو ته ان سان ڳالهيون نه ٿينديون: مريم اورنگزيب

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي اين آر او نه ملندو، ڌمڪي ۽ ڊڪٽيشن ڏيندا ته انهن سان ڳالهيون نه ٿينديون، عمران خان سئو سال به تياري ڪري وٺي عوام کيس رد ڪري چڪي آهي. موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، چُونڊُون آگسٽ 2023ع ۾ ٿينديون. عمران خان ان وقت تائين انتظار ڪري، عمران خان جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين. عمران خان جي ذهني حالت ڳڻتي جوڳي آهي، هو سڪون جي گوري کائي بني گالا ۾ آرام ڪري، پاڪستان جي عوام کي به سڪون ۾ رهڻ ڏي ۽ اسان کي به سڪون سان پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪرڻ ڏي. ڇنڇر ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان تي جڏهن سڪون جي گوري جو اثر ختم ٿيندو آهي ته هو وري ٽي وي اسڪرين تي نمودار ٿيندو آهي، کيس مشورو آهي ته ذهني حالت ۾ کيس اسڪرين تي نه اچڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن چار سال عمران خان پنهنجو منهن بند رکي ها، پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪري ها ته اڄ کيس پنهنجي ناڪامي جو ماتم نه ڪرڻو پئي ها، چار سالن تائين هو اقتدار ۾ هو، هو عوام کي رليف ڏئي سگهيو پئي، اڄ عوام ان کان پڇي ٿي ته هن چئن سالن ۾ عوام لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي جو توهان اڄ وري اقتدار چاهيو ٿا. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته جيڪڏهن کيس ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه ملي ته هو ٻيهر اليڪشن ڪرائيندو، ڇو؟ توهان کي عوام رد ڪري چڪي آهي، توهان عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر نه ڏئي سگهيا، ملڪ مان ڪرپشن ختم نه ڪري سگهيا، نه ڪو رستو، اسپتال يا يونيورسٽي ٺاهي، نه ملڪ کي مديني جي رياست ٺاهي، ته توهان کي ٻيهر اقتدار ڇو گهرجي، ڇو پاڪستان جي عوام توهان تي هڪ دفعو ٻيهر اعتبار ڪري؟ وفاقي وزير چيو ته عمران خان ماڊل ٽائون فيصلي ۾ ڪو ابهام يا اعتراض هو ته هو چار سال وزيراعظم هو، بزدار صاحب پنجاب جو وڏو وزير هو، ڇو ان شيءَ کي ڇڏي ڏنو ۽ اڄ توهان پنهنجي ناڪامي جو ماتم ڪرڻ ٽي وي تي اچي ويندا آهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button