اسلام آبادپاڪستان

جوهري پروگرام جو خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي،خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، 28 مئي 1998ع تي بلوچستان، چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جو واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، اهو ئي اتحاد پاڪستان جي اصل قوت آهي، ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ قومي مفادن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪنداسين. پاڪستان جي جوهري ڌماڪن جي سلور جوبلي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته 28 مئي 1998ع تي بلوچستان چاغي جي جبلن ۾ بلند ٿيندڙ تڪبير جي نعري جي گونج اڄ به جاري آهي. پاڪستان جي دفاع جو اهو تمغو بلوچستان جي ڌرتي جي سيني تي سجايل آهي، اهو پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ دفاع تي ٺاهه نه ڪرڻ جي واضح اظهار جو تاريخي ڏينهن آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جوهري پروگرام جي معمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو فخر بلند ڪندڙ عظيم محب وطن وزيراعظم نواز شريف کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، قائد محمد نواز شريف هر لالچ، هر دٻاءُ رد ڪندي پاڪستان کي دنيا جي ستين ۽ اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي قوت بڻايو. ذوالفقار علي ڀٽو کان وزيراعظم نواز شريف تائين سڀني حڪومتن ۽ جوهري پروگرامن بابت سڀني ذميدارن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button