پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي مان ٻارڙي جي اغوا ڪوشش، حملي ۾ زخمي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد نئون ديرو چوڪ واري علائقي مان موٽرسائيڪل سوار اوباش نوجوانن طرفان 12 ورهين جي ٻارڙي ڪومل شاهاڻي کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٻارڙي جي رڙين ۽ مزاحمت تي اغوا ڪندڙن کيس لوهي سيخ هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، جڏهن ته نينگري کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگري کي طبي امداد ڏني وئي. ان سلسلي ۾ نينگري جي امڙ ڪرن خاتون شاهاڻي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل جمع جي ڏينهن منهنجي نياڻي 12 ورهين جي ڪومل شاهاڻي گهر جو سامان وٺڻ لاءِ پاڙي جي دڪان تي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ واري علائقي جي رهواسي موٽرسائيڪل سوار نوجوان شعيب شيخ پنهنجي ساٿي سان گڏجي نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته نياڻي جي رڙين ۽ مزاحمت تي هنن کيس لوهي سيخ هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button