پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ لاپتا ٿي ويل عورت جي ڳولا ۾ مدد لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ خيرپور جوسو جي رهواسي عورتن طرفان ڏيڍ مهينو اڳ پرسرار نموني لاپتا ٿي ويل نوجوان عورت جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت بيبي شاهده شاهھ پنهنجي ڀيڻ بيبي زاهده شاهه بخاري سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل 15 رمضان جي ڏينهن منهنجي 20 سالن جي نوجوان نياڻي بيبي افشان شاھه گهران نڪرڻ کان پوءِ گم ٿي وئي آهي، جنهن جي ڳولا مٽن مائٽن وٽ ڪرڻ سميت حد جي پکو ٿاڻي تي اطلاع پڻ ڏنو آهي، پر تنهن باوجود سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هن چيو ته لاپتا ٿي ويل نياڻي جو ذهني توازن ڪنهن حد تائين درست نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button