پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻي جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ مستي خان چانڊيو جي رهواسي پورهيت پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي بااثر مائٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پورهيت منور چانڊيو پنهنجي نياڻي ريشمان ۽ پٽ محسن چانڊيو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جو هڪ جريب رهائشي پلاٽ آهي، جنهن ۾ منهنجي والد سميت چاچو نادر چانڊيو برابر جا حصيدار آهن. هن الزام لڳايو ته ڄاڻايل پلاٽ تي بااثر چاچي نادر چانڊيو زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو مونکي حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته چاچي نادر چانڊيو جي چرچ تي ماروٽ وحيد چانڊيو مونکي ڳوٺ کان لڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button