پاڪستانسنڌ

ميروخان واسي ٻن نوجوانن جو پتو نه پيو، عورتن ۽ ٻارڙن جو احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي آريجا ڦيڙو ٿاڻي جي حد مان 42 ڏينهن اڳ پرسرار نموني لاپتا ٿيل ويل ميروخان واسي ٻن نوجوانن جو پتو نه پئجي سگهيو، جڏهن ته گم ٿي ويل نوجوانن جي وارثن طرفان سندن ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ بيواھه پيرسن عورت بيگم خاتون چانڊيو پنهنجي ڏهٽين گلناز، سلميٰ چانڊيو ۽ ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو نوجوان پٽ حامد حسين چانڊيو ۽ نوجوان ڏهٽو پرويز احمد چانڊيو گذريل 18 اپريل تي شام جي وقت لاڙڪاڻي شهر مان سامان خريد ڪري موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ طرف اچي رهيا هئا ته لاڙڪاڻي جي آريجا ڦيڙو ٿاڻي جي حد مان اوچتو موٽرسائيڪل ۽ سامان سميت پرسرار نموني گم ٿي ويا آهن، جن جا فون نمبر به انهي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مسلسل بند پيل آهن، سندن گمشدگي کان پوءِ اسان آريجا ڦيڙو ٿاڻي ۽ ميروخان ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ سميت ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي ڳولا ۾ مدد لاءِ درخواستون ڏنيون آهن، پر پوليس اسان جي ڪا به مدد ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button