پاڪستانسنڌ

برساتن کان اڳ نالن جي صفائي شروع ڪئي وئي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر، سنڌ جي قانوني صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڇنڇر ڏينهن ڏيڍ ارب رپين جي لاڳت سان ضلعي سينٽرل جي شاهراهه نورجهان مين روڊ جي بحاليءَ لاءِ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، هي ڊبل روڊ عبدالله ڪاليج کان جيڪو کان قلندريه چوڪ تائين تعمير ڪيو ويندو. 4 ڪلوميٽر کان وديڪ جي هر روڊ ڊبل هوندو ئي ويڪر 11 ميٽر هوندي مين روڊ سان گڏ سروس روڊ به ٺاهيا ويندا، ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪراچي مان اسان جو ڪو به نمائندو چونڊيل ناهي.ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته وفاقي حڪومت پاران پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ اڻٽر آهي ۽ ان سبسڊي مان اشرافيه به فائدو وٺي رهي آهي. پيٽرول ته هو پر هاڻي اهو فائدو وزير اعظم پاڪستان جي پيڪيج تحت غريبن تائين محدود ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪيڏي به ڏکي صورتحال هجي ملڪ کي ان مان ضرور ڪڍندا. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي ڪوشش آهي ته مڪاني ادارا بهتر نموني هلن، سندن آمدني وڌي ته جيئن انهن تي انحصار نه ڪرڻو پوي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button