پاڪستانسنڌ

فيصلو ٿيڻ تائين ٽرانسپورٽر ڀاڙو نه وڌائين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سڌ سماء، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نمائنده تنظيمن سان اجلاس ڪيو، ٽرانسپورٽرن صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته تيل جي اگهن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪراين ۾ فوري اضافو ڪيو وڃي. پيٽروليم مصنوعات ۾ تمام گهڻي واڌ کانپوءِ روٽس تي اسان جون گاڏيون نقصان ۾ هلي رهيون آهن جيڪي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. ٽرانسپورٽ کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽرن کي سندن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌيون آهن، پر حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ نه ٿي چاهي. ڪراين ۾ اضافي جو معاملو سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رکيو ويندو. ھن چيو ته جيستائين فيصلو نه ٿئي، ٽرانسپورٽر ڪراين ۾ واڌ نه ڪن. اجلاس ۾ بس روٽس جي اجازت نامن، گاڏين جي فٽنيس ۽ ڪراچي شهر کي جديد ٽرانسپورٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button