پاڪستانسنڌ

نئون ڪوٽ ۾ رهواسين جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ جي ديهھ سامروٽي جي رھواسين شبير جسڪاڻي، سڪندر جسڪاڻي ۽ امداد جسڪاڻي بااثرن ۽ اي ايس آئي نئون ڪوٽ خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته بااثر سندن زمين جو پاڻي چوري لوڙهي ويا آهن ۽ اسان قانون ھٿ ۾ کڻڻ بدران اھڙي شڪايت کڻي نئون ڪوٽ ٿاڻي تي وياسين ته رات جي وقت ٿاڻي تي ڊيوٽي تي موجود اي ايس آئي افضل شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي اسان سان بداخلاقي ڪئي ۽ اسان کي لاڪپ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي واپس روانو ڪيو. هنن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته بااثرن ۽ اي ايس آئي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button