پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي لڳ ٽيب بال ٽورنامينٽ عمير ڪرڪيٽ کٽي ورتو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان مرحوم الحاج مير محمد حيات ٽالپر جي ياد ۾ ڳوٺ دريا خان ڪلوئي ماهپارو ۾ سياسي سماجي اڳواڻ عمير خالق ڪلوئي طرفان منعقد ڪرايل نائيٽ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ ٿيو، جنهن جو مهمان خاص مير شارق علي خان ٽالپر هو، فائنل ميچ ۾ ٻين مهمانن ۾ اميدوار ميمبر ضلعي ڪائونسل غلام الله جروار، اميدوار چيئرمين يوسي ميرخدابخش محمد خان ڪلوئي، چيئرمين يوسي ڪنگورو حاجي فاروق آرائين، ڊاڪٽر منصور ڀرڳڙي، دانيال شاهھ ۽ ٻيا هئا. ٽورنامينٽ جو فائنل ميچ عمير ڪرڪيٽ ڪلب ماهپارو ۽ هني بوم بوم ميرپورخاص ۾ کيڏيو ويو. عمير ڪرڪيٽ ڪلب ماهپارو ڪاميابي ماڻي. فائنل ميچ کٽيندڙ ٽيم جي ڪيپٽن عمير خالق ڪلوئي کي مهمان خاص مير شارق علي خان ٽالپر ٽرافي ۽ روڪ رقم انعام ڏنو. رنر ٽيم ۽ ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي ٽرافيون ۽ روڪ رقم انعام ڏنا ويا. مير شارق علي خان ٽالپر چيو ته نوجوانن کي غلط لاڙن کان بچڻ لا هن قسم جا موقعا فراهم ڪرڻ سٺو عمل آهي، نوجوانن کي راندين سان گڏ تعليم طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي. ٽورنامينٽ ڪميٽي عمير خالق ڪلوئي، نثار تاري، قيصر خان جروار، قادري ڪلوئي ۽ ٻين مهمانن جا ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button