پاڪستانسنڌ

کڏڙو ۾ شاگرد سان جنسي زيادتي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

کڏڙو: کڏڙو ۾ جوابدارن جنسي شاگرد کي زيادتي جو نشانو بڻائي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي، پوليس هڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب کڏڙو ۾ 4 جوابدارن 8 ڪلاس جي اسڪولي شاگرد سان جنسي زيادتي ڪئي ۽ سندس وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن پوليس اڳيان ڏوهه جو اعتراف ڪيو. هوڏانهن زيادتي جو شڪار ٿيل شاگرد ٻڌايو ته 15 ڏينهن اڳ 4 جوابدار مون کي پسٽل ڏيکاري موٽرسائيڪل تي زبردستي کڻي ويا، جتي هنن مون کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو ڀري ورتي، جوابدارن مون کي ڌمڪيون ڏنيون ته ڪنهن سان ڳالهھ ڪئي ته تنهنجي هي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪنداسين، خوف ۾ مائٽن سان ڳالهھ نه ڪئي، بعد ۾ جوابدارن مون کي مسلسل بليڪ ميل ڪرڻ بعد وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. هن گهر ڪئي ته جوابدرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. پوليس پاران اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button