پاڪستان

مقابلي جون ڳالهيون ڪندڙ آصف زرداري جي پيرن تي ڪري پيو: مريم نواز

مانسهره: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڄمي مقابلو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ آصف زرداري جي پيرن تي ڪري پيو، سپر پاور کي ڌمڪيون ڏيندڙ پشاور جي بنڪر ۾ لڪي ويٺل آهي. ٻه نمبر اڳواڻ جا بيان، سازش ۽ مينڊيٽ سڀ ٻه نمبر آهن، انقلاب هيليڪاپٽر تي سوار ٿي ناهي ايندو، حقيقي آزادي جو گوڙ ڪندڙ اسلام آباد پهچڻ کان اڳ صبح جو سوير فرار ٿي ويا. اوهان کي جيترا مارچ ڪرڻا آهن ڪري وٺو حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو. خيبرپختونخوا جي عوام فتني تي ٻڌل لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مانسهره ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مانسهره جلسي ۾ نه پر پنهنجي گهر آئي آهيان، وزيراعظم شهباز شريف کي پنهنجي ٻئي گهر ۾ ڀليڪار چوان ٿي، مانسهره نواز شريف جو هو، آهي ۽ رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button