پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي جي کُوٽ خلاف عوامي جمهوري پارٽي جا مظاهرا

حيدرآباد: سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي جمهوري پارٽي پاڪستان احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ سکر ۾ اي جي پي اڳواڻ عاشق چاچڙ، حڪيم زنگيجو، شاهه محمد انڊڙ، عبدالشڪور ۽ عبدالوحيد ڀيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ قدرتي نه پر هٿرادو آهي. وفاق پاڻي تي ڌاڙو پيو هڻي، لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿي وئي، سنڌ کي پنهنجي جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ارسا سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي ۾ ساٿاري بڻيل آهي. وارهه ۾ اي جي پي اڳواڻ محمد صلاح چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ناٿن شاهه ۾ ضلعي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسحاق گاڏهي، ايڊووڪيٽ مصطفيٰ چانڊيو، ايڊووڪيٽ حفيظ لغاري ۽ ايڊووڪيٽ جبار سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ٿيو. لالو رائنڪ ۾ محمد پنهل چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڌرڻو هنيو. لاڙڪاڻي ۾ در محمد ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. اي جي پي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، ڪرم حسين وساڻ، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، رشيد سڌايو، درمحمد ٻرڙو، خادم ٽالپر، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، شهزادي ڀرڳڙي، ادي نظير قريشي، وجدان سراج سيال، نور جوکيو، علي احمد لغاري ۽ پروفيسر امير گل ڪٽوهڙ چيو آهي ته حڪومت تيل جي قيمت وڌائي سڄي ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ وڏو بم ڪيرايو آهي، حڪمرانن کي پنهنجون معاشي پاليسيون جوڙڻ نه ٿيون اچن ته پو فورن اقتدار ڇڏي گهر هليا وڃن، پاڻ ته کرب پتي آهن، پر 20 هزار واري پگهار وارو ماڻهو انهن جي غلط پاليسن جي ڪري هڪ وقت جي ماني لا پريشان آهي، هي ته صرف آ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلڻ لا آيا آهن. هنن چيو ته غريب عوام مٿان بار وجهڻ بدران کرب پتي حڪمران پنهنجي فئڪٽرين جي ٽئڪس ئي ايمانداري سان ڏين ته ملڪ معاشي بحران مان نڪري سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button