اسلام آبادپاڪستان

11 جماعتن بدروحن جي علاج جي ڊيوٽي مون خاڪسار کي ڏني:گهرو وزير

اسلام آباد :گهرو وزير رانا ثناءُ الله خان عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شيخ رشيد خوني فساد ۾ پڇ لڪائي ڀڄي ويو. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته 11 جماعتن سياسي بدروحن جي علاج جي ڊيوٽي مون خاڪسار کي ڏني آهي. اوهان اچو ته سهي. هن چيو ته ايندڙ مهيني ايندا ته ڪنهن جي چوڻ تي گهر نه ويندا جو بيان ڏيڻ وارو خوني فساد ۾ پڇ لٽڪائي ڀڄي ويو. هن چيو ته مهانگائي جو طوفان آڻيندڙ هاڻي ان تي سياست ڪري عوام جي ڪاوڙ کان بچڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ هاڻي منٿون ۽ واسطا ڏئي رهيا آهن. گهرو وزير چيو ته ٻين جي ٻارڙن کي رستي تي بي يارو مددگار ڇڏي باس ۽ پٽيوالو ٻئي ميدان مان ڀڄي ويا. باس زرداري صاحب کي منٿون ڪري ٿو ته پٽيوالو ڌمڪيون ڏي، باس ۽ پٽيوالو ٻئي بنارسي ٺڳ آهي ۽ سياست جا رنگباز آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button