اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

سينيٽري پيڊز،ڊائپرز يا ڪچو مال گهرائڻ تي ڪا پابندي ناهي:ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل واضح ڪيو آهي ته حڪومت سينيٽري پيڊز، ڊائپرز يا ان ڪچي مال تي پابندي نه لڳائي آهي. هي پابنديون رڳو ڪجهه لگزري يا غير ضروري سامان تي لاڳو ٿين ٿيون. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪنهن صنعتي ڪچي مال تي ڪائي پابندي نه آهي، پابندي رڳو ڪجهه لگزري يا غير ضروري سامان تي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت اڄ سومر تي هن معاملي تي باضابطا وضاحت جاري ڪندي. ياد رهي ته 19 مئي تي حڪومت هڪ هنگامي اقتصادي منصوبي تحت عير ضروري لگزري شيون گهرائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. ڪجهه حلقن پاران خدشو ظاهر ڪيو ويو ته لسٽ ۾ شامل 30 کان وڌيڪ قسمن جي پابندي پيل شين ۾ سينيٽري نيپڪن جي تياري لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪچو مال شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button