پاڪستانسنڌ

لاکڙا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڀڪ ڪرڻ ڪري 2 پورهيت دٻجي فوت

سن: سن ويجهو لاکڙا ڪول فيلڊ جي حسيني ڪول ڪمپني جي کاڻ نمبر 66 ۾ ڀڪ ڪرڻ سبب ڳوٺ موسيٰ مريداڻي واسي 25 ورهين جو نوجوان پورهيت خدا بخش مريداڻي ۽ 30 ورهين جو محمد رفيق مريداڻي دٻجي فوت ٿي ويا، جن کي مقامي ماڻهن ۽ مزدورن چار ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ ٻاھر ڪڍيو، ٻنهي نوجوانن جا لاش تعلقا اسپتال مانجھند آندا ويا، جتي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جنهن بعد پورهيتن کي سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. وارثن موجب رفيق مريداڻي 5 معصوم ٻارڙن جو پي آهي ۽ خدا بخش غيرشادي شده هو. لاکڙا ڪول مائنز ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو چوڻ هو ته حادثا روز جو معمول آهن، سرڪار طرفان ڪابه سھولت ناھي، جنهن ڪري سوين پورهيتن جون جانيون ضايع ٿيون آهن، لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ ريسڪيو ٽيمون به موجود ناهن ۽ نه ئي فوتي پورهيتن کي معاوضو ملي ٿو. ھنن وزيراعلي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لاکڙا ڪول مائنز ۾ ريسڪيو ٽيم جوڙيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button