پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ سولر پليٽون چوري ٿيڻ خلاف دڪاندارن جو مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد ۾ سولر پليٽون چوري ٿيڻ خلاف رجب علي خاصخيلي، ضمير حسين خاصخيلي، ڪي ڪي خاصخيلي، سماجي اڳواڻ امين بروھي، اڪبر چانڊيو ۽ عبدالحميد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي اڳيان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاھرين چيو ته پورهيت جو دڪان ٿاڻي آڏو آهي، پر پو به ان جون پليٽون چوري ٿي ويون آهن، بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي. ھنن آ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو عرفان سمون کان گھر ڪئي ته چوري ٿيل سولر پليٽون واپس ڪرايون وڃن. ٻئي پاسي بدامني خلاف دڪاندار ايسوسيئيشن ۽ مستري يونين پاران اڄ فريدآباد پل تي ڌرڻي جو علان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button