اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوٽيلٽي اسٽورز تي في ڪلو گيهه 208 ۽ کاڄرو تيل 213 رپيا مهانگو

اسلام آباد :يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. خبرموجب يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه ۽ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي گيهه جي في ڪلو قيمت 555 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪوڪنگ آئل جي في ڪلو قيمت 605 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هڪ ڪلو گيهه جي قيمت ۾ 208 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هڪ لٽر ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 213 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه تي ڏنل سبسڊي کي گهٽايو آهي. سبسڊي کي 200 رپين مان گهٽائي 100 رپيا ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button