پاڪستانسنڌ

ڦلجي اسٽيشن ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن جو مظاهرو

ڦلجي اسٽيشن: باڊهھ لڳ ڳوٺ گهنور جت لهٻر ۾ پيارو اسٽيشن جي رهواسي نوجوان نويد علي لهٻر کي گوليون هڻي قتل ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لا وارثن ۽ شهرين منٺار لهٻر، گلشير لهٻر، پير مٺل ۽ مشهور ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پيارو شگر مل گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته نصيرآباد پوليس اسٽيشن ۽ ڏيرا پوليس پوسٽ جو انچارج قاتلن کان لکين رپيا رشوت وٺي نوجوان جو خون لوڙهڻ چاهي ٿو، جوابدار ڌر بااثر آهي، جنهن سبب پوليس گرفتار نه ڪري رهي آهي، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button