پاڪستانسنڌ

شانگلا واسي کي ڊوميسائيل ڪيئن ڏنو” يوسي سيڪريٽري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

ڪوٽڙي: ڄامشورو ضلعي جي يونين ڪائونسل منظور آباد ۾ ضلعي جو ڊوميسائيل ٺهرائي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جي ماستري ٽيسٽ پاس ڪرائڻ واري مامري تي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ شنوائي ٿي. ان دوران ڊپٽي ڪمشر ڄامشورو نه پهتو. عدالت ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار اسرار پٺاڻ، يوسي سيڪريٽري حفيظ راڄڙ، ڪلارڪ سليمان شاهه، اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر ذيشان حيدر ميمڻ ۽ لاڳاپيل عملدار عدالت پهتا. جتي پي ايس ٽي اميدوار ۽ يوسي سيڪريٽري جي وڪيلن عدالت کي درخواست ڏني ته ڪيس پيپر ڏنا وڃن ته جيئن پيپر پڙهي سگهون، ٽائيم ڏنو ويو، جنهن کانپو عدالت شنوائي 8 جون تان ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته يونين ڪائونسل منظور آباد مان سوات جي شانگلا جي رهواسي اسرار پٺاڻ کي ضلعي جو ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ واري مامري تي ايڊووڪيٽ فهيم احمد انڙ طرفان عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button