پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ پاڻي لا احتجاج ڪندڙ 185 ماڻهن تي ڪيس داخل

ميھڙ: ميهڙ بائي پاس تي پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻندڙ 185 ماڻهن خلاف ڪي اين شاهه پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد ايس يو پي ڪارڪنن ۽ آبادگارن ٻيهر ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ ميهڙ انڊس هائي وي ڪولاچي موري ڀرسان گذريل ڏينهن آبادگارن پاران رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف هنيل ڌرڻي، پوليس ۽ مڇريل مظاهرين ۾ ٿيل جهيڙي، فائرنگ ۽ ڀڃ ڊاهھ ڪرڻ جو خيرپور ناٿن شاھه ٿاڻي تي سرڪار پاران 35 سڃاتل ۽ 150 اڻ سڃاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڇريل ماڻهن سرڪاري گاڏين جي ڀڃ ڊاهھ ڪري پوليس اهلڪارن مٿان پٿرا ڪري روڊ بند ڪيو ۽ مسافرن کي پريشان ڪري ڊيوٽي ۾ خلل وڌو. هوڏانهن ايس يو پي ڪارڪنن، آبادگارن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاڻي جي کوٽ، مهانگائي ۽ پوليس گردي خلاف ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفى چانڊيو، تحريڪ انصاف اڳواڻ بشير سوڍر، وڪيل سعيد پنهور، سڪندر سوڍر، حميد سومرو، وڪيل ساجد چانڊيو، وڪيل منور جتوئي، حاجي خان مارفاڻي، قاسم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هائي وي اعواڻ موري وٽ شاميانا هڻي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران مظاهرين پاڻي جي کوٽ خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ ۽ وفاقي سرڪار پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي وڪري جي هڪ جيتري ذميوار آھي، سنڌ سرڪار جو ساريالي پوک تي پابندي وارو فيصلو ڪنهن به ريت قبول ناهي. رائيس ڪئنال ۽ ڪڪول واهه سميت ڪيترن شاخن ۽ واھن ۾ پاڻي ناهي پهتو، جنھن سبب ساريالو فصل نه ٿي سگھيو آھي، پاڻي گھرڻ تان پوليس آبادگارن ۽ ھارين مٿان گوليون ھلايون. هنن وڌيڪ چيو ته پوليس 200 کان وڌيڪ ھارين ۽ آبادگارن مٿان ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. ڌرڻي دوران ايس ايڇ او علي اصغر شاهه پهتو، پر مظاھرين ذميوارن کي گهرائڻ جو چئي ڳالهين کان انڪار ڪيو. 4 ڪلاڪن کانپو ايس ڊي او آبپاشي ظھور بوزدار ۽ ٻيا پھتا، جن پاڻي ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button