اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وائرس جا ڪيس ٻيهر وڌڻ لڳا، 152 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد : پاڪستان ۾ڪرونا وائرس جا ڪيس وڌڻ لڳا، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ڪرونا ڪيسن جي شرح 1 ڏهائي 30 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ملڪ ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 50 هين نمبر تي پهچي چڪو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هن وبا وگهي ڪا فوتگي ناهي ٿي. 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 152 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 107 مريض صحتياب ٿي ويا. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 383 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 15 لک 31 هزار 982 ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 3 هزار 193 علاج هيٺ آهن، انهن مريضن مان 55 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪل 14 لک 98 هزار 406 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ 11 هزار 663 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 88 لک 43 هزار 137 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر 7 لک 24 هزار 751 ماڻهن کي ويڪسين ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button