اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايل اين جي درآمد ڪرڻ جو منصوبو تيار،عالمي ڪمپنين کان ٻوليون طلب

اسلام آباد : حڪومت 4 مهينن لاءِ ايل اين جي ڪارگو درآمد ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو.حڪومت ايل اين جي ڪارگو درآمد ڪرڻ لاءِ عالمي ناليوارين ڪمپنين کان ٻوليون طلب ڪري ورتيون آهن. دلچسپي رکندڙ ڪمپنيون 23 جون تائين پنهنجون ٻوليون جمع ڪرائي سگهن ٿيون. پاور ڊويزن ذريعن جو چوڻ آهي ته ايل اين جي جا چار ڪارگو جهاز درآمد ڪيا ويندا. پهريون ايل اين جي ڪارگو جهاز 3 کان 4 جولاءِ، ٻيو 8 کان 9 جولاءِ، ٽيون 25 کان 26 جولاءِ، چوٿون 30 کان 31 جولاءِ تائين درآمد ڪيو ويندو. پاور ڊويزن ذريعن موجب ايل اين جي جي درآمد سان ملڪ ۾ گئس جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو. هوڏانهن توانائي واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته 99 سيڪڙو گئس واهپيدارن کي سبسڊي ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ 25 کان 26 سيڪڙو گئس گهريلو واهپيدارن، 17 سيڪڙو صنعتن، 18 سيڪڙو گئس فرٽيلائيزر سيڪٽر، 32 سيڪڙو بجلي گهرن کي ڏني ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button