اسلام آبادپاڪستان

عمران ڀڳوڙو پنهنجي ڪيل مهانگائي تي فساد ڪرائڻ چاهي ٿو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي احتجاج جي سڏ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران صاحب عوام اوهان جي ڪوڙي ۽ منافقت واري صورت سڃاڻي چڪو آهي. سازشي بيانيو دفن ٿيڻ کانپوءِ 25 مئي جو ڀاڳوڙو هاڻي پنهنجي ڏنل مهانگائي تي فساد ڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عوام ملڪي مفاد کي ڪجهه هيرن جي عيوض کپائڻ جي ڪال تي ڇو نڪري، عوام منافق ۽ چور جي ڪال تي ڇو نڪري؟ هن چيو ته عوام 4 سال مزدور جي مزدوري ۽ عوام جي ماني کائيندڙ جي ڪال تي ڇو نڪري، مهانگائي، معاشي تباهي ۽ بيروزگاري جي ذميوارن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري. هن چيو ته 4 سال مهانگائي جو طوفان برپا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري. اقتدار ۾ آئي ايم ايف سان ڪمزور ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري. هن چيو ته اٽو 35 کان 90 رپيا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري، کنڊ 52 کان 120 رپيا ڪندڙن جي ڪال تي عوام ڇو نڪري. هن چيو ته عوام ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن سان ڇو نڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button