اسلام آبادپاڪستان

پ پ ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال جي اجازت ملي وئي: فرخ حبيب

مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي اڪائونٽس تائين پهچ لاءِ منهنجي درخواست منظور ڪري ورتي آهي، هاڻي پي ٽي آءِ جا فنانشنل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ٻنهي سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال ڪري سگهندا. اسٽيٽ بئنڪ پاران اسڪروٽني ڪميٽي ۾ جمع ڪرايل رڪارڊ موجب ن ليگ جا 12 ۽ پيپلزپارٽي جا 7 اڪائونٽس آهن،

اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته پنهنجي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرائيندڙ ڪير آهن، جڏهن چيڪ ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته اهي اڪائونٽس پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جا آهن، چارٽرڊ اڪائونٽ فرم ۽ اسان کان ن ليگ پنهنجا اڪائونٽ لڪائڻ چاهي ٿي، ن ليگ مافيا کان پنهنجي مفادن لاءِ پئسو وٺندي آهي،

هن چيو ته بلاول ڀٽو کي هاڻي معلوم ٿيندو ته ان جي پارٽي جا ڪيترا جعلي اڪائونٽس آهن، خدشو آهي ته ٻنهي پارٽين پنهنجي پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو، ان حوالي سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ انڪشاف ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button