اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم طرفان وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪسٽائيل، سيمينٽ ۽ اسٽيل سميت ٻين وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه وزيراعظم معاشي ٽيم جي اجلاس بعد ڳالهائيندي بجيٽ سان لاڳاپيل قدمن بابت آگاهي ڏني. وزيراعظم شهباز شريف وڏين صنعتن تي سپر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته عام ماڻهو کي ٽيڪس کان بچائڻ لاءِ صنعتن تي ٽيڪس لڳايو آهي. سيمينٽ، اسٽيل، شوگر انڊسٽري، آئل اينڊ گئس، ايل اين جي ٽرمينل، فرٽيلائزر، بئنڪنگ، ٽيڪسٽائل، آٽو موبل، ڪيميڪل، بيوريجز ۽ سگريٽ انڊسٽري تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. هن چيو ته عمران خان حڪومت ۾ بدترين ڪرپشن ڪئي وئي، معيشت ڏيوالي ٿيڻ جي ويجهو هئي. اسان کي پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻو آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف طرفان وڌيڪ شرطن جو مطالبو نه ڪيو ويو ته اسان جو معاهدو ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ بابت اهم فيصلا ڪيا آهن، اتحادي حڪومت صلاح مشورو ڪري وڏا جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا آهن. انهن ڪيل فيصلن سان شارٽ ٽرم ۾ ڏکيايون پيدا ٿينديون پر انهن ڏکيائين مان نڪري اينداسين. شهباز شريف چيو ته حڪومت سنڀالڻ بعد اسان وٽ ٻه رستا هئا، هڪ رستو اهو هو ته چونڊ سڌارا آڻي چونڊن ڏانهن وڃجي ۽ ٻيو رستو هو ته سخت فيصلا ڪريون ۽ پاڪستان جي ٻڏندڙ معيشت کي سنڀاليون. سياسي ساک بچائڻ لاءِ پهريون رستو سولو هو پر ضمير جو آواز هو ته اها پاڪستان جي عوام سان زيادتي هوندي. اسان فيصلو ڪيوسين ته هي وقت سياست نه پر رياست کي بچائڻ جو آهي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو طوفان آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، سخت محنت ڪري مهانگائي تي ضابطو آڻينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو آهي ته ساليانو 15 ڪروڙ آمدني واري تي هڪ سيڪڙو ۽ 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني واري تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني واري تي 3 سيڪڙو ۽ 30 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني واري تي 4 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button