سڪرنڊ: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه پنهنجي رهائشگاھه مجيد ڪيريو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي حڪومت جي ڏڍ تي ۽ هٿيارن جي زور تي ووٽنگ ڪرائي اسان ۽ اسان جي اتحادين جا ڪيترائي ماڻھو زخمي ڪيا، جڏھن ته سندن ڇاڙتن هٿان ماڻھن جي مرڻ جا به اطلاع آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، انهن جي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪري جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته سڪرنڊ ۽ قاضي احمد ۾ سرعام دادا گيري ڪئي وئي، پ پ جا هٿياربند ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ پکيڙي رهيا هئا.
سندن مرضي هئي ته هنن جي ان حرڪت سان اسان تيش ۾ اچي جوابي ڪارروائي ڪيون، جنهن سان هُو پنهنجا ناپاڪ مقصد ماڻي سگهن پر اسان خونريزي ڪرڻ نه پيا چاهيون، ڇاڪاڻ جو ھُنن ۽ اسان ۾ اهوئي فرق آهي جو هو هٿيارن جي ڏڍ تي کٽڻ چاهين ٿا، جڏھن ته اسان ماڻھن جون دليون کٽيون آهن. سيد زين شاھه اهو به چيو ته چونڊن جو پهريون مرحلو مڪمل بدديانتي تحت ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته اسان پ پ قيادت کي مشورو ڏينداسين ته هُو هٿيارن واري سياست ۽ هٿياربند اليڪشن ۽ نتيجن کان پاسو ڪري.