
اسلام آباد :روس کان ڪچي تيل جي خريداري واري معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ان ڏس ۾ توانائي واري وزارت روس کان تيل خريداري لاءِ ريفائنريز کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئل ريفائنريز ان معاملي تي پنهنجون تجويزون حڪومت ڏانهن اُماڻين. روس کان تيل جي مقدار ۽ ادائيگي جو طريقو ڇا هوندو. تيل امپورٽ ڪرڻ جي ٽرانسپورٽيشن خرچ ڪيترا هوندا؟ ڇا روس کان تيل خريدڻ سان عرب ملڪن سان معاهدا ته متاثر نه ٿيندا؟