ڇور: ڇور ۾ ڦٽين جي واپارين پاران اگھه گھٽائڻ خلاف آبادگارن ۽ ھارين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ ڇور شهر ۾ ڦٽين جي واپارين ڦٽي جا اگهه گهٽ ڪري ڇڏيا، جنهن سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. گذريل ڏينهن آبادگارن ۽ هارين پريس ڪلب اڳيان عاجز، عرفان، قربان وساڻ، موسى ڀنڀرو، لياقت ڇڇر، چنيسر سميجو، غلام نبي، زين الدين ۽ امتياز سميجو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، آبادگارن واپارين خلاف نعريبازي پڻ ڪئي. هنن چيو ته شهر ۾ ڦٽين جي واپارين ۽ پيڊي مالڪن پنھجي ھڪ ھٽي قائم ڪندي ڦٽين جو اگهھ في مڻ تي ٽي ھزار رپيا گھٽائي ڇڏيو آھي، مارڪيٽ ۾ ڦٽي جو اگهه 9500 سئو کان مٿي ھجڻ باوجود واپاري 6500 رپيا ڦٽي جو اگھه مقرر ڪري خريداري ڪري رھيا آھن، مڻ تي هڪ ڪلو کان وڌيڪ ڪٽوتي ڪن پيا، جيڪو ظلم آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته پيڊي مالڪن ۽ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري ڦٽي جو مناسب اگهه ڏياريو وڃي. هوڏانهن واپارين ڪيشو لالا لجپت ۽ ٻين چيو ته ڦٽين جو اگهه اسان نه گهٽايو آهي، فئڪٽري مالڪ جيئن خريداري ڪندا، اهڙو اگهه مقرر ٿيندو، باقي روزانو مارڪيٽ اگهه مطابق ڦٽيون خريد ڪريون پيا، مڻ تي هڪ ڪلو ڪٽوتي اهائي وٺي رهيا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close