شھدادپور: شهدادپور جي ٽنڊوآدم چوڪ ڀرسان روڊس کاتي جي کليل ميدان ۾ پيل لکين رپين جي ماليت جو هزارين مڻن جي پراڻي ٽريڪٽرن، رولرن، ڪرين مشين ۽ ٻيو لوهھ ٽرالر ۾ هيوي مشينري ذريعي چوري ڪيو پئي ويو ته رهواسين وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي رکي پوليس پڪٽ تي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ۽ روڊس کاتي جي عملدارن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. سول سوسائٽي سرڪاري مشينري جي ڏينهن ڏٺي جو چوري ۽ پوليس جي خاموشي تي حيرت جو اظھار ڪندي گهر ڪئي ته هزارين مڻ سرڪاري مشينري جو لوهھ چوري ڪرڻ ۾ ملوث چورن کي گرفتار ڪيو وڃي. معلوم ٿيو آھي ته پوليس سگهارو زور پوڻ تي معاملو دٻائڻ جي ڪوشش ڪري پئي. گرفتار ٿيل بااثر ملوث ماڻهن کي پڻ ڪرين ۽ ٻي سامان سميت آزاد ڪرڻ جا اطلاع آهن. صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڪو به ڪيس داخل نه ٿيو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close