اسلام آباد: پنجاب جي باغي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي جي خلاف درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ مقرر ڪيون ويون. شنوائي پنج جولاءِ تي ٿيندي. تفصيل مطابق چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ 5 جولاءِ تي درخواستن جي شنوائي ڪندي. جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس محمد علي مظهر به ٽن رڪني بئنچ جو حصو هوند.ا ياد رهي ته عائشا نواز ۽ عظميٰ ڪاردار سميت ٻين ماڻهن اليڪشن ڪميشن جو ڊي سيٽ ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي پاران ريفرنس داخل ڪرڻ کان پوءِ پي ٽي آئي جي 25 پنجاب اسيمبلي جي باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close