پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ سئو يونٽن تائين استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي جي فراهمي جو اعلان

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز صوبي ۾ سئو يونٽن تائين استعمال ڪندڙ گھريلو واهپيدارن کي مفت بجلي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حمزا شهباز چيو ته اڄ اسان هن ملڪ کي بچائڻ چاهيون ٿا، اسان کي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، مجبوري تحت سخت فيصلا ڪيا ويا، پيٽرول بابت فيصلا دل تي پٿر رکي ڪيا. هن چيو ته جڏهن بجلي جو بل ايندو آهي ته ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويندا آهن، گذريل 6 مهينن ۾ جن سئو يونٽ بجلي استعمال ڪئي آهي، پنجاب حڪومت انهن کي مفت بجلي فراهم ڪندي، سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن جي بجلي جو خرچ آگسٽ کان پنجاب حڪومت برداشت ڪندي. سندس چوڻ هو ته اسان ضرورتمند ماڻهن کي سولر پينل مفت فراهم ڪنداسين، اجالا پروگرام ذريعي ضرورت مندن کي مفت سولر پينل ڏينداسين، پنجاب حڪومت سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ 100 ارب رپيا رکندي، ان سان نوي لک خاندانن کي فائدو ٿيندو. حمزا شهباز چيو ته مهانگائي جو جن به آهستي آهستي بوتل ۾ بند ڪنداسين، آءِ ايم ايف جو پروگرام هلندو، انٽرنيشنل ڊونر ايندا، اسان جا دوست ملڪ مدد ڪندا، وقت ايندو جڏهن معيشت پنهنجي ٽريڪ تي بحال ٿيندي، رليف سستي اٽي کان شروع ٿيو، پوءِ مفت دوائون ۽ هاڻي مفت بجلي ڏئي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button