عالمي

آمريڪا ۾ پوليس ڪاري نسل جي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

نيو يارڪ: آمريڪي رياست اوهائيو ۾ 8 پوليس آفيسرن ڪاري نسل جي نوجوانن تي 60 گوليون وسائيندي کيس قتل ڪري ڇڏيو. 25 ورهين جو جي واڪر هٿين خالي هو ۽ گذريل ڏينهن جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس اهلڪار مٿس سڌيون گوليون هلائين ٿا. نوجوان ٽريفڪ جي معمولي ڀڃڪڙي ڪئي هئي جنهن تي پوليس سندس ڪڍ پئجي وئي. همراهه گاڏي روڪي ڊوڙي رهيو هو ته 8 پوليس اهلڪارن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. پوليس چيف جو چوڻ آهي ته آفيسرن واڪر کي طبي امداد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن دم ڏئي ڇڏيو. واقعي بعد 8 ئي پوليس اهلڪارن کي موڪلن تي موڪليو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button