ڪراچي: پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ شهادتون به قبول ڪيون، پ پ سدائين ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍيو. 5 جولاءِ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو سميت انهن سڀني ڪارڪنن، شاگردن، مزدورن ۽ صحافين کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، جن 1973 جي آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ شهادتون قبول ڪيون، ڪوڙا کاڌا، جبر ۽ تشدد برداشت ڪيو. هن چيو ته جڏهن به آئين ۽ جمهوريت تي حملو ٿيو، پ پ جي قيادت ۽ ڪارڪنن آئين ۽ جمهوريت جو ڀرپور بچاءُ ڪيو، ملڪ جي سڀني جمهوري قوتن کي گڏ ٿي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪري عوام جي زندگين ۾ سولائيون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته پ پ قيادت ملڪ ۽ عوام لاءِ ڏکيائين به برداشت ڪيون آهن ۽ ڏکيا فيصلا به ڪيا آهن، ملڪ ۽ عوام اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکيائين مان نڪري سڌي دڳ تي هلي رهيو آهي، جمهوريت اسان کي ڪڏهن به تحفي ۾ نه ملي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close