اسلام آبادپاڪستان

ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عمران پيش نه ٿيو،حاضري معافي جي اپيل منظور

اسلام آباد : اسلام آباد جي سيشن عدالت ۾ لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حاضري معافي جي درخواست منظور ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ڪچي ضمانت ۾ 18 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو. جج ڪامران بشارت مفتي عمران خان جي حياتي کي خطري سبب حاضري کان ڇوٽ لاءِ ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي. خيبرپختونخوا جو اڳوڻو گورنر ۽ شاهه فرمان ۽ صوبائي وزير شهرام ترڪئي جي ڪچي ضمانت به 5-5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي. تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پي ٽي آئي ڪڏهن به ڪنهن حڪمران جي خلاف ڪيس داخل نه ڪيو. اسان جي ايف آئي آر ٿاڻن ۾ پئي آهي، ڪو ڏسڻ وارو نه آهي. بابر اعواڻ چيو ته فاشسٽ حڪومت پنهنجي خلاف آواز اٿارڻ وارو آواز بند ڪري ڇڏيو آهي. عمران رياض خان جي گرفتاري تي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button