اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ 2 ڀيرا لاٿ،پي اي سي طرفان پاڪستان ۾ تيل سستو ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد :پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تيل اسمن جي اگهن ۾ لاٿ جي سفارش ڪري ڇڏي. چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيو آهي ته نيب جي آفيسرن کي پنهنجي اثاثن جو تفصيل ته ڏيڻو پوندو. پي اي سي اجلاس ۾ ادارن جي سربراهه کانسواءِ ٻيو ڪوئي نٿو اچي سگهي. گذريل ڏينهن پي اي سي اجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين نورعالم خان چيو ته هڪ کاتي چيو ته سڀاڻي عيد آهي تنهنڪري نٿو اچي سگهي. جڏهن ته عيد ته 10 جولا تي آهي. سينيٽر مشاهد حسين چيو ته هي نيب جو کاتو هوندو، جنهن تي نورعالم خان چيو ته بلڪل نيب ئي آهي. هن نيب آفيسر کي هدايت ڪندي چيو ته نيب چيئرمين کي ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ اچي. نيب آفيسرن کي پنهنجي اثاثن جو تفصيل ته ڏيڻو پوندو. مختلف ادارن جي سربراهن جي غير موجودگي تي ڪاوڙ ڪندي ڪميٽي ميمبرن چيو ته اهڙي ڪائي روايت قائم نه ڪريو جو ڪنهن اداري جي سربراهه بدران ڪوئي ٻيو اچي وڃي. ڪميٽي اجلاس ۾ اسپيشل سيڪريٽري ناڻي وزارت جي غيرموجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس اجلاس کي ٻڌايو ته اسپيشل سيڪريٽري وزيراعظم شهبازشريف وٽ ميٽنگ ۾ آهي، جنهن تي پي اي سي چيئرمين چيو ته اوهان معيشت ۽ عوام سان حشر ڪيو آهي، اهو ئي ڪميٽي سان ڪري رهيا آهيو. ڪميٽي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي غيرموجودگي تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جنهن تي اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر چيو ته گورنر اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي اجلاس جي ڪري ڪراچي ۾ آهي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته اسان سربراهه کان علاوه ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين، سربراهه جو اچڻ ضروري آهي. نور عالم خان چيو ته ڊي جي ايف آئي اي کي به گهرايو ۽ اجلاس جا خرچ اسپيشل سيڪريٽري فنانس، اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي پگهار مان ڪٽيو، ڪميٽي ميمبر نثار احمد چيما چيو ته هي اصول هجڻ گهرجي ته جيڪو اداري جو سربراهه ڪميٽي ۾ نه اچي اجلاس جو خرچ ان جي پگهار مان ڪٽڻ گهرجي. هن ڀيري ڇڏيو، ايندڙ اجلاس کان ايئن ٿيڻ گهرجي. ڪميٽي چيئرمين ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي پگهار ڪيتري آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته منهنجي پگهار 25 لک رپيا آهي. گاڏي جي سوال تي هن ٻڌايو ته مون وٽ هونڊا سوڪ آهي، ڪميٽي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي پگهار ۽ مراعتن جو تفصيل گهري ورتو. نثار چيما اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته 15 ايم اين ايز جي پگهار اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر جي پگهار آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين تيل اسمن جي قيمتن تي ڳالهائيندي چيو ته پيٽرول جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿي آهي. جڏهن قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ گهٽ ڇو نٿي ٿئي. جڏهن قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ وڌي وڃي ٿي ته اسان وٽ وڌي ٿي پر گهٽ ٿيڻ سان گهٽ نٿي ٿئي. چيئرمين نور عالم خان چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ ٻه ڀيرا گهٽتائي ٿي چڪي آهي، حڪومت قيمتون گهٽائڻ بدران وڌائي ڇڏيون. ناڻي واري وزارت، پيٽروليم ڊويزن ۽ حڪومت کي درخواست آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي. انهن تيل اسمن جي اگهن ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي. ڪميٽي ميمبر شيخ روحيل ڳالهائيندي چيو ته تيل جي عالمي قيمتن ۾ 50 رپيا لٽر جي برابر گهٽتائي ٿي چڪي آهي. آئي ايم ايف پاران حڪومت کان سيلز ٽيڪس وڌائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ڪميٽي ايجنڊا تي ڪارروائي کان سواءِ ئي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button