پاڪستانسنڌ

هرڻن جو قبرستا ٺاهي تدفين،ٿر ۾ سوڳ، وڌيڪ هڪ ڪيس داخل

مٺي (رپورٽ: غازي نهڙيو)مٺي ڀرسان شڪارين جي گولين جو کاڄ بڻيل ناياب هرڻن جو قبرستان ٺاهي آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي. ڪشمير چوڪ تي تعزيتي تڏو ٻئي ڏينهن به وڇايل رهيو. وائلڊ لائف ايڪٽ تحت شڪارين مٿان هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو. خبر موجب مٺي ڀرسان ڳوٺ رنگيلو جي گيم سينچري ۾ چڻڪارا نسل جي ناياب 9 هرڻن کي گولين سان پروڻ ڪندڙ شڪارين خلاف وائلڊ لائف ايڪٽ تحت هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. لاڳاپيل کاتي پاران ذبع ٿيل هرڻن جو مقامي وٽرنري ڊاڪٽرن کان پوسٽ مارٽم ڪرائي ضروري معلومات حاصل ڪئي وئي. جڏهن ته مٺي پوليس ڳوٺاڻن مٿان قتل جي ارادي سان سڌي فائرنگ، حملي ۽ شڪار ڪرڻ لا هنگامو ڪرڻ جو ڳوٺاڻي سروپ سنگھه ٺڪر جي فرياد تي داخل ڪيس سميت وڌيڪ غير قانوني هٿيار وارن ٻنهي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن احمد علي عرف صدرو مڱريو، سلام باري پنجابي ۽ عبدالغني نهڙيو کي جڊيشل مئجسٽريٽ ون مٺي جي عدالت ۾ جسماني ريمانڊ لا پيش ڪيو ويو، جتي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت جوابدارن کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ٻيهر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف مٺي ڀرسان ڳوٺ رنگيلو ۾ 7 هرڻن جي سوين آلين اکين سان تدفين ڪئي ويئي. ماحول انتهائي ڏکارو بڻجي ويو. شڪارين کي پڪڙي سوگهو ڪرڻ واري هنڌ تي قتل ٿيل هرڻن جو قبرستان ٺاهيو ويو، جتي هرڻن کي الڳ الڳ قبرن ۾ ڪفن ڏئي مٽي ما حوالي ڪيو ويو. تدفين وارين رسمن ۾ وائلڊ لائف کاتي جو ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر ۽ ٻيو عملو پڻ شريڪ هو. فطرت جي محافظ ڳوٺاڻن پاران شڪارين خلاف سخت مزاحمت ڪرڻ جو عزم ۽ قانون ۾ ترميم ڪري شڪارين کي سخت سزائون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي فطرت جي عاشق ڳوٺاڻن آفتاب سميجو، سراج سومرو، الياس سومرو، اڪبر درس، آنٻجي ٺڪر، سروپ سنگهھ ٺڪر، يامين سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان قتل ٿيل هرڻن جو قبرستان ٺاهي حڪمرانن جو جهنگلي جيوت جي بچا طرف ڌيان ڇڪايو آھي. هنن چيو ته واقعي سبب اسان جي گهرن ۾ پڻ سوڳ ڇانيل آھي. هنن چيو ته ٿر قدرت جو کليل ميوزيم آھي، فطري حسن جو تحفظ وقت جي حڪمرانن جي ذميواري آھي. هنن چيو ته وائلڊ لائف ايڪٽ ۾ ترميم ڪري شڪارين خلاف سخت سزائون مقرر ڪيون وڃن، پٺڀرائي ڪندڙن کي وائکو ڪيو وڃي. هوڏانهن ونود ملاڻي، اڳوٺي ناظم ماما ماتورام ڀڳت، ليکڪ اشرف سمون، سينئر صحافي ممتاز نهڙيو، رڻڇوڙ سنگهھ ٺڪر، گلجي سنگھه ٺڪر وڪيل مهيش ڀيل، ضلع ڪائونسلر ڀورل شاهه، پيارو شواڻي، اتم سنگھه سميت وڏي انگ ۾ فطرت سان محبت ڪندڙ ڳوٺاڻا شريڪ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button