اسلام آبادپاڪستان

چوماسي جي برساتن سبب ملڪ ۾ 77 ڄڻا فوت ٿي ويا

اسلام آباد :ماحوليات بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته 14 جون تي شروع ٿيل چوماسي جي برساتن سبب ملڪ ۾ هيل تائين 77 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 39 ڄڻا بلوچستان ۾ فوت ٿيا آهن. اها منهنجي لاءِ مڪمل طور تي هڪ قومي آفت آهي، خاص طور تي جڏهن ڪيترائي ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن، رياست کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته انگن اکرن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن، اسان قومي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اختيارين ذريعي مقامي ماڻهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هلندڙ هفتي جي شروعات سان ئي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو هلندڙ آهي. اختيارين موجب بلوچستان ۾ تباهي اچي وئي آهي، جنهن سبب مقامي انتظاميا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اپاءَ وٺي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 261 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي. اها شروعات آهي ۽ اسان کي ان لاءِ تيار رهڻ جي ضرورت آهي. اسان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ صوبن کي نالن جي صفائي جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي.ماحوليات واري وزير ٻڌايو ته صوبن کي جيڪڏهن مون سون ۾ وفاق کان مدد گهرجي ته رابطو ڪرڻو پوندو، سڀني صوبن کي پنهنجي مدد امداد جو تعين ڪرڻو پوندو. وفاقي حڪومت سان ڳالهائڻو پوندو. صوبا پنهنجي ايڊوائزريز به اماڻي رهيا آهن، ماڻهن کي ان تي متفق ٿيڻو پوندو. شيري رحمان ٻڌايو ته هن وقت ملڪ مون سون ۽ پري مون سون جي وڪڙ ۾ آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلين سان متاثر ٿي رهيو آهي. هي ايونٽ ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٿي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته چوماسي جو پهريون وسڪارو 28 جون تي شروع ٿيو، هن ڀيري 87 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي آهي. برف ڦاٽڻ جا 16 گلاف ايونٽس ٿيا، ٻي صورت ۾ نارمل حالتن ۾ 5 گلاف ايونٽس ٿيندا آهن. ٻين ملڪن جي گرين هائوس گئسز جا اثر پاڪستان ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن. پاڪستان کي جي ڊي پي جو 9 ڏهائي 2 سيڪڙو نقصان ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ ڊگهي مدي رٿابندي جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ 49 سيڪڙو، بلوچستان ۾ 274 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 262 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن. 77 ڄڻا فوت ٿيا آهن، اها ننڍڙي ڳالهه نه آهي. ادارن جي وارننگ کي سنجيده وٺڻ سان جاني نقصان گهٽجي سگهي ٿو. ملڪ ۾ هن وقت پري مون سون هلي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته سڀ کان وڌيڪ 37 فوتگيون بلوچستان ۾ ٿيون آهن هي سڀ گلوبل وارمنگ جي سبب ٿي رهيو آهي. هيٽ ويو جي ڪري ٻيلن ۾ باهه جا واقعا به وڌيا آهن. برساتن سان هن وقت ڊيمز کي فائدو ٿي رهيو آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي لحاظ کان دنيا جو ڇهون ملڪ آهي، ڪراچي ۾ ايڏو طوفان ناهي آيو جيترو اچڻ جو خدشو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button