
اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب جي مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي ٻن اقليتي ۽ ٽن عورت ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اقليتي سيٽن تي حبڪوڪ رفيق بابو ۽ سيموئل يعقوب جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽن تي بتول زين، سائرا رضا ۽ فوزيا عباس نسيم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب مخصوص سيٽن تي چونڊيل سمورن ميمبرن جو واسطو تحريڪ انصاف سان آهي.