پاڪستانسنڌ

ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي ڊاڪٽر خالدا منڌرو 97 ووٽ کڻي ڪامياب

ڪراچي: سنڌ مان سينيٽ جي ٽيڪنوڪريٽ جي خالي سيٽ تي پي پي جي ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو 97 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي. هي سيٽ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. هن سيٽ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ اربع تي پولنگ سنڌ اسيمبلي جي عمارت ۾ ٿي. مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي زال خالد سڪندر منڌرو پيپلزپارٽي پاران اميدوار هئي ۽ ان جي سامهون پي ٽي آئي جو نورالحق قريشي هو. جيتوڻيڪ گذريل رات پولنگ کان صرف ڪجهه ڪلاڪ اڳ پاڪستان تحريڪا نصاف جي ميمبرن ووٽنگ جي عمل جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ٻين اپوزيشن پارٽين به ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. پيپلزپارٽي جي سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جو ڪل انگ 99 آهي، جنهن ۾ 94 ميمبرن پنهنجو ووٽ استعمال ڪيو جن ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ وقتي گورنر آغا سراج دراني شامل هئا. جڏهن ته پي ٽي آئي جي 3 باغي ميمبر اسلم ابڙو، شهريارشر ۽ ڪريم بخش قبول به پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. مختلف سببن جي ڪري پيپلزپارٽي جا 5 ميمبر شرميلا فاروقي، اعجاز شاهه بخاري، عذرا پيچوهو اسماعيل راهو ۽ علي نواز مهر ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو. شرميلا فاروقي هن وقت حج جي سعادت ماڻڻ لاءِ سعودي عرب ۾ آهي. مراد علي شاهه سڀ کان آخر ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ پولنگ واري عمل تي اطمينان ظاهر ڪندي چيو ته پولنگ جو مرحلو پرسڪون انداز ۾ هليو. سندس چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي جو ايوان 168 ميمبرن تي ٻڌل آهي جنهن مان 97 ووٽرز پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪيا. ڊاڪٽر خالد سميت 3 اميدوار هئا، ڪاسٽ ڪيل 97 ووٽن مان هڪ به ووٽ رد نه ٿيو ۽ سمورا ووٽ پيپلزپارٽي جي ڊاڪٽر خالده منڌرو کي مليا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button