پاڪستان

راڻا ثناءُ الله سان اسان جي دور ۾ زيادتي ٿي: فواد چوڌري

جهلم: تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ايڪسپريس نيوز جي پروگرام ۾ سنگين غلطي جو اعتراف ڪري ورتو. انٽرويو دوران فواد چوڌري چيو ته ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله سان اسان جي حڪومتي دور ۾ زيادتي ٿي، ان تي ڪيس نه ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته جڏهن منشيات جي خاتمي بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي ڄاڻايل ڪيس ڪابينا ۾ کڻي آيو ته لاڳاپيل آفيسر اٿي هليا ويا ۽ مون ذاتي طور تي ان جي مخالفت ڪئي، راڻا ثناءُ الله خلاف ٺاهيل هيروئن جو ڪيس بي بنياد ۽ ڪوڙو هو، ان ۾ ڪا صداقت نه هئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله جا بيان شرمناڪ آهن، گهرو وزير اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي ڄڻ سدائين حڪومت ۾ رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button