عالمي

برطانوي وزيراعظم بورسن جانسن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لنڊن: برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ملڪ ۾ سياسي بحران شدت اختيار ڪرڻ تي ڪنزرويٽو پارٽي جي قيادت ۽ وزارت عظميٰ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ايندڙ وزيراعظم جي چونڊ تائين ڪم ڪندو رهندس. بورس جانسن لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته نئين سربراهه جي چونڊ جو عمل هاڻ شروع ٿيڻ گهرجي، هاڻ اهو واضح آهي ته ڪنزرويٽو پارٽي جي پارلياماني پارٽي کي نئون ليڊر چونڊڻو پوندو ته جيئن نئون وزيراعظم به چونڊجي سگهي. هن چيو ته مون نئين ڪابينا جوڙي ڇڏي آهي، ڇو ته مان نئين وزيراعظم جي چونڊ تائين ڪم جاري رکندس. ڪنزرويٽو پارٽي جي ڊپٽي چيئرمين جسٽن ٽوم لنسن ٽوئيٽر تي چيو ته استعيفيٰ اڻٽر هئي، پارٽي طور اسان کي متحد ٿيڻ ۽ معاملن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي حوالن سان هي اسان لاءِ اهم حالتون آهن. ڪنزرويٽو پارٽي کي هاڻ نئون ليڊر چونڊڻو پوندو ۽ ان عمل لاءِ ڪيترائي هفتا ۽ مهينا به لڳي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button