پاڪستان

غريب جي مفت بجلي کسي فتني خان کي تسڪين ملي؟ مريم نواز

لاهور: اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز جو روشن گهر پروگرام معطل ڪرڻ تي ن ليگ نائب مريم نواز جو ردعمل اچي ويو. مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته غريب جي مفت بجلي کسي فتني خان جي ڪهڙي انا کي تسڪين پهتي؟ نادارن لاءِ رليف کي ڪِريل سياست جي ور چاڙهيو ويو. هن چيو ته پنجاب جي عوام کان گِرهه کسي ڪهڙي منهن سان انهن کان ووٽ گهري رهيا آهيو؟ فرح گوگي ۽ پنڪي پيرڻي ذريعي پنجاب ۾ جيڪا تباهي ڪئي وئي، ان سان توهان کي سڪون نه مليو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button