پاڪستان

دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد جي حفاظتي ضمانت منظور

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ دعا زهرا جي مڙس ظهير احمد جي گرفتاري کان بچڻ لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ظهير احمد حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. ظهير احمد طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته دعا زهرا سان نڪاح ڪيو آهي، الزام مڙهيو پيو وڃي ته دعا کي اغوا ڪيو آهي، خدشو آهي ته پوليس گرفتار ڪري وٺندي ان ڪري حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليا نيلم ظهير احمد جي درخواست تي شنوائي ڪئي، عدالت 14 جولاءِ تائين ظهير احمد جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي پوليس کي امڪاني گرفتاري کان روڪي ڇڏيو. ٻئي طرف دعا زهرا جي مڙس ظهير چيو آهي ته مان دعا خاطر جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهيان. دعا چيو ته مان پنهنجي والدين وٽ ته صفا نه وينديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button