پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ پاڻي ڀريندي 2 سئوٽ ٻارڙيون تلا ۾ ٻڏي فوت

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب 2 سئوٽ ٻارڙيون تلا ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون. ان سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ ڀرسان انتهائي دردناڪ واقعو پيش آيو، جتي ٻه ٻارڙيون پاڻي جي تلا ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون. ڳوٺ ساڪريو ڀيل ۾ برساتي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لا ٺاهيل تلا تان پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب ٻه ٻارڙيون 14 ورهين جي مرگهان ڌي ڪرشن ڀيل ۽ 11 ورهين جي ٿانان ڌي کيتو ڀيل ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون. چيو وڃي ٿو ته ڳوٺ ۾ جر جو کارو پاڻي هئڻ سبب گهرن ڀرسان ڪجهھ سال اڳ هڪ سماجي اداري پاران ڳوٺاڻن جي سهولت خاطر برساتي پاڻي کي جمع ڪري رکڻ لا هڪ وڏو تلا ٺهرايو ويو هو، تازو برساتن بعد تلا پاڻي سان ڀريل هو، جتان ٻارڙيون گڏجي پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ ويون هيون، جتي هڪ ٻارڙي ٿانان جو پاڻي ڀريندي پير ترڪي پيو ته هن پاڻ کي بچائڻ خاطر ڀرسان بيٺل پنهنجي سئوٽ مرگهان کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو به پاڻي ۾ ڪري پئي، پاڻي گهڻو هجڻ سبب ٻئي ٻارڙيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون، جنهن تي گڏ آيل ٻارڙين رڙيون ڪيون ته وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا پهچي ويا، جن ٻارڙين کي ٻاهر ڪڍيو ته هڪ ٻارڙي ٿانان فوت ٿي چڪي هئي. ٻي ٻارڙي کي سرڪاري اسپتال آندو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي وئي. ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد وارث ٻارڙي جو لاش گهر کڻائي ويا. هڪ ئي وقت ٻن سئوٽ ٻارڙين جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. معلوم ٿيو آهي ته تلا جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪنارن تي مٽي جمع ٿي چڪي آهي. پاڻي ڀرڻ لا ڇڏيل جڳھه تي مٽي هئڻ سبب ٻارڙي جو پير ترڪي پيو، جنهن سبب ٻن معصوم ٻارڙين جون جانيون ضايع ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button