سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

دنيا کي حيرت ۾ وجهندڙ قيمتي پٿرن وارو ڪرسٽل غار

اسپين جي ڏکڻ آوڀر واري علائقي الميريا ۾ موجود دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪرسٽل غار ڪنهن ڌاو بدران قيمتي پٿرن جي خزاني سان ڀريل آهي ۽ ايڏي وڏي ڪرسٽل غار سڄي دنيا جي سائنسدانن ۽ محققن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ هي غار جيوڊ يعني پهاڙين ۾ قميتي پٿرن سان ڀريل آهي.

ڪرسٽل عار ۾ محقق موجود آهي

ماهر ارضيات پلپي جيوڊ جي رابطي واري ميلا ڪيريتيريو ٻڌايو تھ هي جوڙجڪ اصل ۾ جبل اندر وڏو خلا آهي، جيڪو ڪرسٽل سان ڍڪيل آهي. ميلا ڪيريتيريو غار ۾ ويهي پنهنجي پويان موجود هڪ ٽڪڙو ٽوڙيو تھ ان ۾ ننڍا جواهرات مليا. هن چيو تھ هي تھ بس هڪ معمولي نمونو آهي. پلپي جيوڊ 8 ميٽر ويڪرو، 2 ميٽر بلند ۽ 2 ميٽر گهرو آهي. ميلا ڪيريتيريو ٻڌايو تھ جيوڊ ۾ هي سڀ کان وڏي دريافت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button