پاڪستان

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس، سرحدي ۽ اندروني صورتحال جو جائزو ورتو ويو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال خاص طور تي سرحدن ۽ اندروني سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ آرمي چيف ملڪ ۾ جاري ڪامياب دهشتگردي ٽوڙ آپريشن جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کان علاوه آرمي چيف جوانن جي عوام ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ قربانين کي به خراج تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف شديد برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڪ فوج جي رليف آپريشنز کي ساراهيو. آءِ ايس پي آر مطابق ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ سول انتظاميا سان گڏجي ريسڪيو ۽ بحالي آپريشنز جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button