پاڪستانپنجاب

پي ٽي آءِ جو واثق قيوم پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

لاهور: تحريڪ انصاف جو اميدوار واثق قيوم بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو. گذريل رات ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي سيٽ خالي ٿي وئي هئي. پي ٽي آءِ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ واثق قيوم عباسي کي نامزد ڪيو هو ۽ هن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا هئا، جڏهن ته هاڻ هو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت موجب اپوزيشن نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا پر 5 وڳي تائين ڪير به ڪاغذ جمع ڪرائڻ نه آيو، جنهن کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان واثق قيوم جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ اميدوار نامزد ڪرڻ جي حوالي سان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ صلاح مشورو ٿيو پر اميدوار جو نالو فائنل نه ٿي سگهيو. ن ليگ پيپلزپارٽي جي علي حيدر گيلاني کي اميدوار نامزد ڪيو پر پي پي اتفاق نه ڪيو ۽ ن ليگ کان پنهنجو اميدوار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ن ليگ جي اڳواڻ پير اشرف رسول اپوزيشن جي اميدوار علي حيدر گيلاني لاءِ نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪيا پر اهي جمع نه ڪرايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button