اسلام آباد (بيورو رپورٽ)توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر بجلي پهچ جي نظام ۾ 111 ارب رپين جي وڏي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ حماد اظهر چيو آهي ته بجلي پهچ جي نظام ۾ 111 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٽن سالن ۾ اين ٽي ڊي سي ذريعي ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته سيڙپڪاري کانپوءِ قومي گرڊ مان بجلي جي پهچ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿيندي، اها صلاحيت 2023 ۾ 28 هزار 750 ميگا واٽ ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته قومي گرڊ جي بجلي پهچ جي صلاحيت 2024 ۾ 31 هزار 500 ميگا واٽ تائين وڌي ويندي. جڏهن ته 2018 ۾ بجلي جي پهچ جي صلاحيت 20 هزار 811 ميگا واٽ هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close