اسلام آبادپاڪستان

شهباز گِل 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي،ادارن خلاف ناهي ڳالهايو:شهباز

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. شهباز گِل کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد ۾ ڊيوٽي جج عمر شبير آڏو پيش ڪيو ويو. اسلام آباد پوليس طرفان شهباز گِل جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته شهباز گل جي وڪيل پوليس جي استدعا جي مخالفت ڪئي. عدالت پوليس ۽ شهباز گل جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جسماني رمانڊ جي استدعا منظور ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. عدالت ڪوهسار پوليس کي 12 آگسٽ تي شهباز گل کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. پوليس عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار شهباز گل کان موبائيل فون هٿ ڪرڻي آهي، جوابدار جنهن پرچي تي ڏسي ڳالهائي رهيو هو، اُها به هٿ ڪرڻي آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل تي بغاوت جي ڪيس واري معاملي تي جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي. ذريعن موجب گهرو وزير ان معاملي تي پوليس جي هڪ جاچ ٽيم جوڙي آهي جنهن جي سربراهي ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪندو.ذريعن جو چون آهي ته جاچ ٽيم ۾ ايس پي سي ٽي ڊي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او به شامل آهن. واضح رهي ته شهباز گل تي ڪوهسار ٿاڻي تي بغاوت ۽ غداري سميت سنگين نوعيت جا 10 ڪيس داخل آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل چيو آهي ته اداري اسان جي جان آهن، مون اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو جنهن سان شرمساري ٿئي. مون بيورو ڪريسي تي ڳالهايو آهي. اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز گِل چيو ته ڪڏهن به ادارن خلاف ناهي ڳالهايو، منهنجو بيان هڪ محب وطن جو بيان آهي، مون اهڙو ڪجهه ناهي ڪيو ته جنهن ڪري شرمساري ٿئي هن چيو ته مون ڪنهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، مون اسٽريٽجڪ ميڊيا سيل ۽ بيورو ڪريسي جي آفيسرن بابت ڳالهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button